گڏيل قومون – 31 جن??ري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پشاور مسجد ۾ دهشتگردن جي آپگهاتي حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته بزدلاڻي واقعي جي ذميوارن کي ??نصاف جي ڪٽهڙي تي آندو وڃي. 15 رڪني سلامتي ڪائونسل طرفان جاري بيان ۾ سانحي جي متاثرين جي وارثن ۽ پاڪستان حڪومت سان همدردي جو اظهار ڪيو ويو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو. بيان ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته سلامتي ڪائونسل ويجهو دهشتگردي پوءِ اها ڪهڙي به شڪل ۾ هجي بين الاقوامي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهي. بيان ۾ چ??و ويو ته هن سانحي جي ذميوارن ۽ انهن جي مالي معاونت ڪندڙ توڙي سرپرستي ڪندڙن کي ??نصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. بيان ۾ سمورن ملڪن کي ??پيل ڪئي وئي ته هو بين الاقوامي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق پنهنجون ذميواريون ادا ڪندي هن معاملي ۾ پ??ڪستان جي حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن جي مدد ۽ معاونت ڪن. بيان ۾ چ??و ويو ته سلامتي ڪائونسل جا ميمبر ملڪ ان عزم جو اظهار ڪن ٿا ته دهشتگردي جون ڪارروائيون پوءِ اهي ڪهڙي به مقصد جون هجن ۽ هو دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ هجي ان کي ??نهن به انجام ڏنو هجي اهو مجرماڻيون ڪارروائيون آهن ۽ انهن جو ڪو به جواز پيش نٿو ڪري سگهجي.
سلامتي ڪائونسل ۽ يو اين اي او سي جي پشاور حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری