ڊيووس- 23 جنوري (اي پي پي) سعود?? عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان حوٿين جي ڪاررواين ۽ يمن جي گروپن خلاف آمريڪي حملن جي پسمنظر ۾ ڳاڙهي سمنڊ ۾ ڇڪتاڻ ۾ واڌ تي ??خت ڳڻتي ??و اظهار ڪندي چيو آهي ته ڳاڙهي سمنڊ ۾ جاري ڇڪتاڻ هٿن مان نڪري سگهي ٿي. العربيه مطابق هن سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي موقعي تي هڪ ان??ر ويو ۾ هن چيو ته يق??نن اسان تمام گهڻا فڪرمند آهيون، اسان خطي ۾ هڪ انتهائي مشڪل ۽ خطرناڪ وقت مان گذري رهيا آهيون ۽ انجي ڪري ئي ڇڪتائڻ گهٽائڻ چاهيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته بنا شڪ جي اسان آزاد ۽ محفوظ جهاز راني تي پختو يقين رکون ٿا. اها اهڙي شيءِ آهي جنهن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي پر اسان کي خطي جي سلامتي ۽ استحڪام کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي به ضرورت آهي. ان لاءِ اسان کي حالتن کي جيترو ٿي سگهي پرسڪون ڪرڻ تي ڌيان ڏيون.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون