اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته پي ٽي وي ٻه ق??مي نظريي جي مستقل ترجمان رهي آهي، قائداعظم ۽ علامه اقبال جي ويزن تي خاص پروگرام پي ٽي وي نيوز جي ترجيحن ۾ سدائين سرفهرست رهيا آهن، اي پي پي ۽ پي بي سي به اقبال ڏهاڙي، آزادي ڏهاڙي ۽ باباءِ قوم جي پيدائش جي واري ڏهاڙي جي موقعي تي انهن اهم موقعن کي اجاگر ڪ??ڻ جي لاءِ خاص قدم کڻندا آهن، پيمرا قانونن تي عملدرآمد جي لاءِ ڪيترائي قدم کن??ا آهن. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران عائشه سيد جي سوال جي لکت واري جواب ۾ اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وزارت پاران ٻڌايو ويو ته ق??مي نشرياتي ميڊيا ۾ رياستي ادارو هجڻ جي ناطي پي ٽي وي نيوز سالن کان ٻه ق??مي نظريي جي مستقل ترجمان رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa