اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تبديلي جي لاءِ اسان کي نوآبادياتي ذهنيت کان ٻاهر نڪرڻ ۽ مالڪ ۽ نوڪر طرف حڪمراني تبديل ڪرڻي پوندي، قوم کي قرضن جي ڪلاسيڪي چنبي مان ڪڍڻ لاءِ سياستدانن، بيوروڪريسي ۽ عوام کي پنهنجو پاڻ کي بدلائڻو پوندو، دنيا ۾ ڪا شيءِ ناممڪن نه آهي، تبديلي ان وقت ايندي جڏهن اسان کي عوام جي ٽيڪسن مان گڏ ٿيل هڪ ه?? روپئي جي خرچ جو احساس هجي. وزيراعظم آفيس ۾ سول سرونٽس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ پاڪستان کي جيترا چئلينج درپيش آهن ??اضي ۾ انهن جو مثال نٿو ملي، 10 سالن ۾ قرضن جو ماپو 6 ٽريلين مان وڌي 30 ٽريلين ??وپ??ن تائين پهچي چڪو آهي، پاڪستان صرف وياج جي مد ۾ روزانو 6 ارب ??وپ??ا ڏئي رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ترقياتي منصوبن ۽ ٻين ضروري ملڪي معاملن جي لاءِ وسيلن جي فراهمي جا مسئلا سامهون ايندا آهن تنهن ??وندي به ان مان نڪرڻ جا رستا موجود آهن.
تبديلي جي لاءِ اسان کي نوآبادياتي ذهنيت کان ٻاهر نڪرڻو پوندو: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : گرم گرم