رياض -09 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب چيو آهي، ته سندس ملڪ غيرهٿياربند فلسطيني?? کي ڪنهن به ريت نشانو بڻائڻ وارين ڪارروائي?? کي رد ڪري ٿو. سعودي خابرو اداري مطابق پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فر??ان آمريڪا، مصر، قطر، اردن جي هم منصبن ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه سان ٽيليفون تي فلسطين بابت صورتحال تي ڳالهيون ڪندي اسرائيل ۽ فلسطين ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ واڌ کي گهٽائن ۽ سمورين ڌري?? کي انساني حقن بابت عالمي قانونن جي احترام ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن صورتحال کي پرسڪون ڪرڻ ۽ وڌيڪ تشدد کان بچڻ لاءِ مربوط ڪوششن جي ضرورت تي به زور ڀريو. ٽيليفونڪ را??طي ۾ غزه ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي فوري طور روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت بابت ڳالهيون ڪيون. مصر جي پرڏيهي وزير ۽ اردن جي نائب وزيراعظم سان را??طي دو??ان غزه ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي صورتحال ۾ تازي اڳڀرائي ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽائن لاءِ گڏيل قدم تيز ڪرڻ جي قدمن تي ڳالهيون ڪيون. قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي را??طي ۾ غزه جي صورتحال ۽ ڇڪتاڻ روڪرائڻ جي طريقن تي ڳالهيون ڪيون. ان کان علاوه آمريڪي پرڏيهي وزير هڪ بيان ۾ چيو آهي، ته پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن فلسطين جي صدر محمود عباس سان ٽيليفونڪ را??طي م فلسطيني اٿارٽي تي اولهندي ڪناري ۾ امن ۽ استحڪام بحال ڪرڻ تي زور ڀريو.
غيرهٿياربند فلسطينين کي ڪنهن به ريت نشانو بڻائڻ وارين ڪارروائين کي رد ڪيون ٿا: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : quina acumulada