واشنگٽن- 02 فيبروري (اي پي پي)آمريڪا انتهاپسند يهودي آبادڪارن تي پابنديون لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪي اولهندي ڪناري ۾ فلسطينن خلاف پُرتشدد ڪاررواين ۾ ملوث آهن. العربيه اردو موجب پابندين بابت آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته انتهاپسند يهودي آبادڪارن خلاف پابندين جي پهرين مرحلي ۾ 4 ماڻهن خلاف لاڳو ڪيون وينديون، انهن جي آمريڪا ۾ موجود اثاثن کي بلاڪ ڪيو ويندو ۽ هو آمريڪين سان مالي ڏي وٺ نه ڪري سگهندا. ان لاءِ آمريڪي ويزائون جاري ڪرڻ تي به پابندي لاڳو هوندي. 4 يهودي آبادڪارن خلاف پابندين جو اعلان شروعاتي طور تي رڳو هڪ علامتي ڪارروائي نظر ايندي آهي. اس??ائيلي وزيراعظم نيتن ياهو انهن آمريڪي پابندين کانپوءِ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اولهندي ڪناري ۾ آ??ريڪي پابندين جي ڪا به گنجائش ۽ جواز ??اهي، اس??ائيل هر قانون ٽوڙيندڙ خلاف پاڻ قدم کڻي ٿو ۽ ان لاءِ آمريڪي پابندين جو ان سلسلي ۾ ڪو جواز ??اهي ته هو اهڙي طرح جا غير معمولي قدم کڻي. اولهندي ڪناري ۾ 4 يهودي آبادڪارن تي پابندين جو هي فيصلو ان وقت ڪرڻو پيو جڏهن صدر جوبائيڊن آمريڪي رياست مشي گن جو دورو ڪيو ۽ کيس اتي ??ي عرب ڄاون آمريڪين طرفان سخت رد عمل کي منهن ڏسڻو پيو جيڪي اس??ائيل جي باري ۾ آ??ريڪي پالسين جا م??ال?? آهن. مشن گن رياست جي شهر ڊيٽراوٽ جي ميئر به آمريڪي صدر کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.
آمريڪا پاران اولهندي ڪناري ۾ پرُتشدد ڪاررواين ۾ ملوث يهودي آبادڪارن خلاف پابندين جو اعلان
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار