اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ قتلام جي راند آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي نگراني ۽ هدايت تي کيڏي پئي وڃي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن پمز اسپتال ۾ علاج هيٺ مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳواڻ ۽ اميدوار قانونساز اسيمبلي چوڌري محمد عزيز جي عيادت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو سياسي معا??لن وارو خصوصي معاون ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي ۽ وڏي انگ ۾ مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جا ڪارڪن پڻ ساڻس گڏ هئا. اطلاعات واري وزير چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان سري نگر ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿين خالي شهرين تي گوليون هلائي رهي آهي ۽ انساني حقن جي سخت خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي، پاڪستان انهن واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو ۽ عالمي سطح تي انهن واقعن کي کڻندو. انساني حق?? جون تنظيمون انهن واقع?? جو نوٽيس وٺن ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ظالم کي ظلم کان روڪين. هن چيو ته انهن واقعن ۾ اٽڪل 20 ڪشميري حريت شهيد جڏهن ته 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي ?? عالمي برادري کي گهرجي ته هو انهن واقع?? جو فوري نوٽيس وٺي. وفاقي وزير چيو ته آزاد ڪشمير ۾ قتلام جي راند آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي نگراني ۽ هدايت تي کيڏي پئي وڃي.
قتلام جي راند آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي هدايت تي کيڏي پئي وڃي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ