اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار جي جاري منصوبن جي بروقت پڄاڻي ۽ آئنده جي موثر منصوبابندي تي زور ڏيندي چيو آهي ته عوام لاءِ سستي ۽ وڌيڪ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ سان گڏ??گڏ وڌيڪ اقتصادي واڌ ويجهه ۽ صنعتي سرگرمين لاءِ بجلي جي مستقبل جي ض??ورتن لاءِ مناسب انتظام ڪرڻ جي ض??ورت آهي. وزيراعظم هائوس ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته سندس حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪرڻ کان اڳ ۾ لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاء?? قوم سان ڪيل پنهنجو واعدو پورو ڪندي. هن چيو ته ڪنهن قسم جي دير جو تجزيو ۽ مقرر مدي ۾ حاصل ڪرڻ لاءِ مناسب قدم کڻڻ گهرجن.
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری