اشڪ آباد – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف اف??انستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪوششن جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان امن عمل ۾ سهولت لاءِ سنجيده ڪوششون جاري رکندو، اف??ان حڪومت جي قيادت ۾ سياسي ڳالهين ذريعي حل اف??انستان ۾ پائيدار امن جي لاءِ بهترين آپشن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اشڪ آباد ۾ پائيدار ٽرانسپورٽ بابت عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي اف??انستان جي صدر اشرف غني سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مستحڪم ڪرڻ ۽ اف??انستان ۾ امن ۽ استحڪام بابت ڪوششن جي حوالي سان خيالن جي ??ي وٺ ڪئي. وزيراعظم اف??انستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجايو ۽ اف??انستان سان ٻطرفن سياسي رابطن، سيڪيورٽي تعاون، واپار، لنگهه ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی