اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي ??ار?? مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو ضامن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي انفارميشن آفيس آف دي اسٽيٽ ڪائونسل جي ڊائريڪٽر (منسٽر) ??يا??گ زيانگو سان ملا??ات ۾ چئي جنهن ساڻس هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ملا??ات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مثالي دوستاڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت جي هر آزمائش تي ان لاءِ پورا لهن ٿا ڇو ته اهي لاڳاپا گڏيل اعتماد، گهري ڀائيچاري، محبت ۽ عزت تي ٻڌل آهن. مملڪتي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام ڀائيچاري ۽ هڪ ٻئي سان جذباتي وابستگي جهڙن رشتن ۾ ڳنڍيل آهي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات