تهران – 18 اپريل(اي پي پي) ايران جي صدر ابراهيمي رئيسي، سعودي عرب جي فرمانروا ش??هه سلمان بن عبدلعزيز کي تهران جي دوري جي باضابطه دعوت ڏني آهي. سعودي عرب جي خابرو اداري مطابق ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گذريل ڏينه?? نيوز ڪانفرنس ۾ چي?? آهي ته ايران جي صدر ابراهيمي رئيسي سعودي عرب جي فرمانروا ش??هه سلمان بن عبدلعزيز کي رياض طرفان ڏنل دوري جي دعوت جي جواب ۾ تهران جي دوري جو دعوت نامو اماڻي?? آهي. ايران جي خابرو اداري مطابق ٻنهي ملڪن جا فني وفد پنهنجي سفارتي مشن کي باضابطه طور ٻيهر کولڻ جي تياري ڪري رهيا آهن. تهران جو چوڻ آهي ته اهو مشن 09 مئي تائين پنهنجون سرگرميون ٻيهر شروع ڪري ڇڏيندو. واضح رهي ته مارچ ۾ چين جي ٽياڪڙي ۾ ٿيل معاهدي بعد ايران ۽ سعودي عرب 07 سالن بعد سفارتي ناتن جي بحالي تي اتفاق ڪي?? آهي.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ