گڏيل قومون -10 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قوم?? ۾ ??اڪستان جي نمائندي منير اڪرم طرفان ڄمون ڪشمير تي ڀارتي قبضي کي جديد دور جي نو آبادياتي نظام جو بدترين مظهر قرار ڏيڻ تي پاڪستان ۽ ڀارت جي نمائند?? ۾ ??ڪ ڀيرو ٻيهر سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي. گذريل ڏينهن گڏيل قوم?? ۾ ??اڪستاني نمائندي جي تبصرن تي رد عمل ظاهر ڪندي ڀارت جي نمائندي چيو ته گڏيل قومن خوداراديت واري حق جي اصول کي بقيه 17 نان سيلف گورننگ علائقن جي ڊي ڪالونائيزيشن جي حوالي سان بيان ڪيو هو، نه ئي ڪنهن ميمبر ملڪ جي علائقائي سالميت کي مجروح ڪرڻ جو جواز پيش ڪيو آهي. ڄمون ڪشمير ۽ لداخ هميشه ڀارت جو اڻٽٽ حصو رهيا آهن ۽ رهندا. گڏيل قوم?? ۾ ??اڪستاني مش?? ۾ ??ونصلر نعيم صابر خان ان ڳالهه جو فوري جواب ڏيندي چيو ته نوآبادياتي ملڪن ۽ ماڻهن کي آزادي ڏيڻ جا اعلان نه صرف ڪجهه علائقن جي ماڻهن جا نهن پر سڀني اهڙن ماڻهن جي خوداراديت واري حق هجڻ جي تص??يق ڪري ٿو جن جي علائقن تي زبردستي قبضو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڄمون ڪشمير کي گڏيل قومن جي نقشن تي هڪ تڪراري علائقو قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته اڄ ڀارت ۾ 200 ملين کان وڌيڪ مسلمان، عيسائي ۽ ٻين اقليتن کي سنگين ۽ کليل امتيازي سلوڪ درپيش آهي. ڀارت اندر اسلامو فوبيا ۾ خوفناڪ اضافو بي جي پي ۽ آر ايس ايس ح??وم?? جي هندو پرست ايجنڊا جي انڌي تقليد ۽ اسلام مخالف ۽ مسلم مخالف بيان بازي جي واضح حمايت جو نتيجو آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته ڀارت ۾ اڄ ڪا به اقليت محفوظ ناهي.
گڏيل قومون: ڪشمير تي ڀارتي قبضي کي جديد دور جي نوآبادياتي نظام جو بدترين مظهر قرار ڏيڻ تي پاڪستان ۽ ڀارت جي نمائندن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے