جده _ 21 جون (اي پي پي ) حج سيزن 2024ع جي پُڄاڻي تي حاجين جي پنهنجي ملڪن ڏانهن واپسي جاري آهي. خابرُو اداري مطابق جده جي ڪ??گ عبد العزيز انٽر نيشنل ايئر پورٽ تان هيستائين اڍائي لک ح??جي واپس روانه ٿي چڪا آ??ن. ان کان علاوه مدينه منوره ايئر پورٽ تان پڻ حاجين جي روانگي جاري آهي. مدينه منوره جي امير محمد بن عبد العزيز انٽر نيشنل ايئر پورٽ تي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ جي ترجمان ميجر ناصر العتيبي چيو آهي ته ايئر پورٽ تي ڪائونٽرز 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيا آ??ن ۽ ڊيپارٽمنٽ ۾ ڪم ڪندڙ مرد ۽ عورتن پوري محنت سان حاجين جي روانگي جي عمل کي تيز ۽ آسان بڻايو آهي. مدينه منوره ايئر پورٽ تي پاسپورٽ کاتي جي ڪائونٽر ويجهو حاجين لاءِ قرآن پاڪ جو نسخو سندن زبان ۾ رکيو ويو آهي جيڪو روانگي جي وقت هر ح??جي کي ??را??م ڪيو ويندو .
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ