بيجنگ -29 آڪٽوبر (اي پي پي) چين 30 آڪٽوبر تي انسان برد??ر خلائي مشن پنهنجي خلائي اسٽيشن ڏانهن روانو ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊائريڪٽر چائنا مينڊ اسپيس ايجنسي (سي ايم ايس اي) لين شي چيانگ گذريل ڏينهن اعلان ڪيو آهي، ته چين جيوڪوان سيٽلائيٽ ??انچ سينٽر تان 30 آڪٽوبر جي صبح جو 4 لڳي 27 منٽن تي لانگ مارچ- ايف 2 ڪيريئر راڪيٽ ذريعي انسان برد??ر خلائي مشن شي??زو-19 خلائي اسٽيشن لاءِ روانو ڪندو. هن چيو ته مدار ۾ داخل ٿيڻ کان ??وءِ انسان برد??ر خلائي مشن 6.5 ڪلاڪن ۾ خلائي اسٽيشن کي ڪور ماڊيول تيان سان ڳنڍجي ويندو. هن چيو ته خلائي مشن شي??زو-18 ذريعي ويندڙ خلائي اسٽيشن تي اڳ ئي موجود عملو 4 نومبر تي ڪم مڪمل ڪرڻ کان ??وءِ ان ??شن ذريعي چين جي ڊونگ فينگ لينڊنگ سائيٽ تي واپس ويندو. ياد رهي ته شي??زو 19 چين جي انسان برد??ر خلائي پروگرام جو 33هون فلائيٽ ??شن آهي.
چين 30 آڪٽوبر تي انسان بردار خلائي مشن پنهنجي خلائي اسٽيشن ڏانهن روانو ڪندو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات