نيويارڪ – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ڀارتي حڪومت کي والاريل ڪشمير جي علائقي اڙي ۾ ٿيندڙ فائرنگ جي واقعي جو پاڪستان تي الزام هڻڻ کان پهرين ان جي جامع جاچ ڪرائڻ گهرجي. نيويارڪ ?? صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته اڙي واقعي جي انڪوائري يا جاچ ڪرائڻ گهرجي، اهڙن واقعن جي جاچ ۾ ڪيترائي ڏينهن ۽ هفتا لڳي ويندا آهن، 10 کان 20 ڪلاڪن ۾ توهان ڪي??ن نتيجي تي پهچي سگهو ٿا، ان سان ماڻهن جي ذهنن ۾ شڪ شهبا ۽ سوال اٿي رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ کي درپيش توانائي، معيشت جي بحالي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي چئلينجن ک?? منهن ڏيڻ لاءِ ڪاميابي جي رستي تي گا??زن آهي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا