نيويارڪ – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪست??ن پشاور ۾ اسڪول جي ٻارن تي حملي، مستونگ ۾ بم ڌماڪي جي ذميوارن ۽ سمجهوتا ايڪسپريس ۾ بيگناهه پاڪستانين جي شهادت کي ڪڏهن به نه وساريندو، ڪشمير جو مسئلو ??يڪ?? گذريل 70 سالن کان انسانيت جي مٿي تي بدنما داغ آهي، پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ دهشتگردن جي مالي مدد ۽ منصوبابندي ۾ حمايت ڪري رهيو آهي، ڀارت سان بامقصد ڳالهين لاءِ تيار آهيون، پاڪست??ن پنهنجي قومي مفاد ۽ ملڪي سلامتي تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ٿو ڪري سگهي، علائقائي ملڪن سان گڏيل عزت ۽ احترام جي بنياد تي لاڳاپا بحال ڪرڻ چاهيون ٿا. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني 73 هين اجلاس کي خطاب ڪن??ي پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته 2 مهينا اڳ پاڪستان جي عوام جمهوري حق جو اس??عم??ل ڪن??ي معاملن ۽ گورننس ۾ بهتري جو فيصلو ڪيو، پاڪستان جي عوام هڪ اهڙي ملڪ لاءِ پنهنجي راءِ ڏني آهي ??يڪ?? پراعتماد، دردمند ۽ امن پسند هجي.
ڪشمير مسئلو انسانيت جي مٿي تي داغ آهي: شاهه محمود قريشي جو گڏيل قومن ۾ خطاب
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا