مڪو پاڪ -25 مارچ (اي پي پي)مسجد الحرام ۾ رمضان المبارڪ دوران زائرين ۽ عمرو ڪندڙن لاءِ افطار دسترخوانن جو ا??تمام صديون پراڻي روايت آهي، جيڪا اڄ به جاري آهي. روزانو 2400 دسترخوانن جو ا??تمام ڪيو ويندو آهي، جن تي هزارين ماڻهو افطار ڪندا آهن. اخبار 24 سان ڳالهائيندي افطار دسترخوانن جي ??نتظاميه جي ميمبر عزام اللحياني ٻڌايو ته مسجد الحرام ۾ روزانو 2400 دسترخوانن جو ا??تمام ڪيو ويندو آهي جن ۾ هزارين ماڻهو افطار ڪندا آهن. هن چيو ته هڪ دسترخوان 16 ميٽر ڊگهو هوندو آهي جنهن تي 32 افطار باڪسز رکيا ويندا آهن جن ۾ کجور، ڪيڪ ۽ پائي موجود هوندو آهي. افطار جي فراهمي لاءِ خيراتي ادارن ۽ شخصيتن طرفان الحرمين الشريفين اٿارٽي جي ويب سائيٽ تي اي رجسٽريشن جي ??روعات رمضان کان اڳ ڪئي ويندي آهي.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل