اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ پاناما پيپرز، آف شور ڪمپنين ۽ بئنڪن کان معاف ڪرايل قرضن جي ڇنڊڇاڻ جي حوالي سان نظام جوڙڻ جي لاءِ 12 رڪني پا??لي??ماني ڪميٽي تي اتفاق ٿي ويو آهي، ڪميٽي حڪومت جي 6 ۽ مخالف ڌر جي 6 ميمبرن تي ٻڌل هوندي جيڪا پنهنجي قائم ٿيڻ کانپوءِ ٻن هفتن ۾ پا??لي??مينٽ ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. پا??لي??مينٽ هائوس ۾ اسپيڪر جي صدارت ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن جي گڏيل اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته 16 مئي تي وزيراعظم نواز شريف قومي اسيمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق کي تجويز ڏني هئي ته هو ايوان ۾ موجود حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي سمورين پا??لي??ماني پارٽين جي مشاورت سان هڪ اهڙي ڪميٽي جوڙي.
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado