اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 2013ع جو انڌيرن ۾ ورتل پاڪستان اڄ روشن آهي ۽ اقتصادي طور تي مستحڪم ٿي رهيو آهي، اسان سڀ پاڪستاني آهيون، اسان کي ان تي فخر آهي، ق??ئداعظم محمد علي ??نا?? جو مقصد هو پاڪستان هڪ پرامن ۽ جمهوري ملڪ بڻجي اڀري، ق??ئداعظم ??ي ويزن جي پڄاڻي لاءِ اسان کي گڏجي ڪوششون ڪرڻ گهرجن، اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته هر پاڪستاني آئين پڙهندو، اڄوڪي ڏينهن تي هي ڳالهه اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف گذريل چار سال پاڪستاني قوم ۽ نوجوانن لاءِ ڪم ڪيو، محمد نواز شريف ??ي ويزن تحت ڪيل ڪوششن جي نتيجي ۾ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون ويون، توانائي جا منصوبا ٺاهيا ويا ۽ سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري جي ذريع?? ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم جاري آهي، 90ع جي ڏهاڪي ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف انفراسٽرڪچر جي ترقي جو ويزن ڏٺو اڄ انهي تحت پاڪ چين اقتصادي لنگهه جا منصوبا مڪمل ٿي رهيا آهن. هن اها ڳالهه آزادي جي ڏهاڙي جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان ٽيلي ويزن هيڊڪوارٽر ۾ خصوصي تقريب ۾ ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب ۾ چئي.
2013ع جو انڌيرن ۾ ورتل پاڪستان اقتصادي طور تي مستحڪم ٿي رهيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری