بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير م??يم اورنگزيب چيني ثقافت واري وزارت جي دعوت تي پنهنجي چئن ڏينهن جي دوري تي چين پهچي وئي آهي. مملڪتي وزير جو استقبال چين جي ثقافت واري وزير لوسو جانگ ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي چين ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خالد سميت اعليٰ چيني ۽ پاڪستاني عملدار پڻ موجود هئا. بيجنگ ۾ پنهنجي قيام دوران مملڪتي وزير م??يم اورنگزيب چين جي ثقافت واري وزير لوسو جانگ، انفارميشن آفيس جي اسٽيٽ ??ائونسل جي وزير جيانگ جيانگو ۽ ايس اي پي پي آر ايف ٽي جي نائب وزير ٽانگ زان?? سان جدا جدا ملاقاتون ??ندي ۽ چين ۽ پاڪستان جي لازوال دوستي ۽ گڏيل ر??بطن ۾ اضافي ۽ استحڪام جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندي.
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن