گڏيل قومون-03 نومبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي انساني حقن جي ??اهرن چيو آهي ته غزه ۾ نسل ڪشي ۽ انساني تباهي کي روڪڻ جو وقت ختم ٿيندو پيو وڃي. برطانوي اخبار موجب گڏيل قومن جي ??الاريل فلسطيني علائقن لاءِ خصوصي نمائندي سميت انساني حقن جي ??اهرن جي ??ڪ گروپ گذريل ڏينهن هڪ گڏيل بيان ۾ چيو ته اسان کي يقين آهي ته فسلطيني عوام نسل ڪشي جي سنگين خطري جي ??ر چڙهيل آهي. بيان ۾ چيو ويو ته هاڻي ڪارروائي جو وقت آهي، اسرائيل جي اتحادين تي به ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ۽ کين ان جي تباهي آڻيندڙ قدمن کي روڪڻ لاءِ فوري طور تي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. ماهرن خوراڪ، پاڻي، دوائن ۽ ٻين ضروري شين جي سخت ضرورت ۽ صحت کي درپيش خطرن بابت خبردار ڪندي چيو ته غزه جي صورتحال هڪ تباهي آڻيندڙ موڙ تي پهچي چڪي آهي، انساني حقن واري ڪائونسل طر??ان گڏيل قومن جي خصوصي نمائندن کي بنا معاوضي ۽ آزاد ماڻهن جي ذميواري سونپي وئي آهي، اهي ماهر گڏيل قومن طر??ان ڳالهيون نٿا ڪن پر ڪائونسل جي ??يڪٽ فائنڊنگ ۽ مانيٽرنگ ميڪنزم جي حصي طور پنهنجي ??تيجن کي ڪائونسل کي رپورٽ ڪندا آهن، غزه جي صورتحال تي رپورٽ تي 1967ع کان والاريل فلسطيني علائقي ۾ انساني حقن جي صورتحال تي خصوصي نمائندي فرانسسڪا البانيز به صحيحون ڪيون، ٻين صحيحن ڪندڙن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، کاڌي، جس??اني ۽ ذهني صحت، مقامي بي گهر ماڻهن ۽ اظهار راءِ جي آزادي سميت نسل پرستي تي خصوصي نمائندا شامل هئا. ماهرن مطالبو ڪيو ته ڌرين کي عالمي انساني ۽ انساني حقن جي ??انون تحت پنهنجي ذميوارين تي عمل ڪرڻو پوندو، بيان ۾ چيو ويو ته اسان انساني بنيادن تي جنگ بندي جو مطالبو ڪريون ٿا ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته امداد انهن ماڻهن تائين پهچي جنهن کي ان جي سڀني کان وڌيڪ ضرورت آهي.
غزه ۾ نسل ڪشي روڪڻ لاءِ وقت ختم ٿيندو پيو وڃي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی