گڏيل قومون -31 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي آفيس لبنان جي گادي واري هنڌ بيروت ۾ اسرائيلي حملي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته گڏيل قومون سڀني ڌرين کان وڌ کان وڌ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڀر??ن ٿيون. تاس موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي آفيس گذريل ڏينهن بيان م چ??و ته اسان کي 30 جولاءِ جي شام جو بيروت جي اولهه پاسي جي ڳتيل آبادي وارن علائقن تي اسرائيلي فوج جي حملن تي سخت ڳڻتي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي شهري مارجي ويا آهن. بيان ۾ چيو ويو ته اسان هڪ ڀيرو ٻ??هر ڌرين تي زور ڀر??ون ٿا ته هو وڌ کان وڌ تحمل جو مظاهرو ڪن ۽ سڀني لاڳاپيل ماڻهن جو وڌيڪ ڇڪتاڻ کان بچڻ جو مطالبو ڪيون ٿا. گڏيل قومن سڀني ڌرين کان عالمي قانون تحت پنهنجون ذميواريون پورون ڪرڻ تي به زور ڀر??و. واضح رهي ته اسرائيلي فوج 30 جولاءِ تي بيروت جي پسگردائي واري علائقي داحيه تي 4 ميزائل فائر ڪيا هئا جنهن سان 4 ماڙ عمارت ۽ ٻين ڪيترين ئي پاسي اوسي وارين جاين ۽ گاڏين کي به نقصان پهتو هو.
گڏيل قومن پاران بيروت ۾ اسرائيلي حملي تي سخت ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام