گڏيل قومون-06 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ گذريل ??ينهن ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي جنهن جي ذميواري داعش خراسان قبول ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن گذريل ??ينهن پريس بيان ۾ ڪابل ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿيا. سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ان ڳالهه ??و ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي پنهنجي سمورين شڪلين ۾ افغانستان سان گڏوگڏ دنيا ۾ امن ?? سلامتي لاءِ سنگين خطرن مان هڪ آهي. هن زور ڀ??يو ته دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث عنصرن، مالي مدد ۽ سرپرستي ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن گڏيل قومن جي سمورن ميمبر ملڪن تي زور ڀ??يو ته اهي عالمي قانونن ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن تحت پنهنجي ذميوارين موجب ان سلسلي ۾ سمورن لاڳاپيل عملدارن سان فعال تعاون ڪن.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران ڪابل ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن