اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ملڪ جي ڊگهي خوشحالي لاءِ پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) حاصل ڪرڻ اڻٽر آهي، جڏهن ته وفاقي ڪابينا ديامرڀاشا ڊيم لاءِ زمين حاصل ڪرڻ لاءِ معاوضو اگهه ۽ افغان پناهگيرن بابت پروف رجسٽريشن ڪارڊز ۽ ٽه ڌرئي معاهدي ۾ 31 مارچ 2017ع تائين توسيع جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ م??عق?? ٿيو، وزيراعظم محمد نواز شريف اي?? ڊي جيز پروگرام جي باري ۾ اجلاس جي دوران ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان دنيا ۾ پهريون ملڪ آهي جنهن قومي ترقياتي اي??نڊا جي حصي جي طور تي پارليامينٽ مان اي?? ڊي جيز جي منطوري ورتي آهي، هن چيو ته ان پروگرام تحت گهٽ ترقي يافته علائقن تي خصوصي ڌيان ڏيندي بنيادي طور تي صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ ملڪ جي سمورن علائقن ۽ ماڻهن کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا.
خوشحالي لاءِ پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ اڻٽر آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج