نيويارڪ – 23 مئي (اي پي پي) سوڊان ۾ گڏيل قومن جي خاص ايلچي وولڪر پرٿيس خبردار ڪيو آهي، ته جيڪڏهن ??هيڙيندڙ ڌرين س??مر کان شروع ٿيندڙ جنگبندي جو احترام ۽ ان ۾ توسيع نه ڪئي ته اها ويڙهه نسلي بنيادن تي ٻڌل تڪرار ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي. سعودي خابرو اداري مطابق ايلچي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته جنگ سٽيل ملڪ ۾ تڪرار نسل پرستي جو ر?? اختيار ڪري سگهي ٿو ۽ ان ۾ ڊيگهه ٿيڻ جو خدشو آهي، جن??ن جا خطي تي ناڪاري اثر پوندا. هن چيو ته جٽادار جنگبندي بعد گڏيل قومن جي ٻي ترجيح تڪرار جي وڌڻ يا نسل ڪشي کي روڪڻ آهي. هن ??وڊان جي جهيڙيندڙ ڌرين تي زور ڀريو ته اهي جنگبندي معاهدي جو احترام ڪن جن??ن تي هنن ٻه ڏينهن ??ڳ صحيحيون ڪيون هيون، کين ويڙهه بند ڪرڻ، انساني امداد تائين رسائي جي اجازت ڏيڻ ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن ۽ اثاثن جو تحفظ ڪرڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria