اوٽاوا-04 جولاءِ (اي پي پي) ڪئنيڊا جي وزير اعظم جسٽن ٽروڊو ليفٽيننٽ جنرل جيني ڪريگنن کي ڪينيڊا جي هٿيار بند فوج (سي ا?? ايف) جي پهر??ن عورت سربراهه نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي اداري جي رپورٽ مطابق هن گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته جيني ڪريگنن جيڪا هن وقت پروفيشنل ڪنڊڪٽ اينڊ ڪلچر جي سربراهه آهي ۽ کيس جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. هوءَ موجوده چيف آف دي ڊفينس اسٽاف (سي ڊي ا??س) جنرل وين آئر جي جاءِ والاريندي. ڪينيڊا جي هٿياربند فوج مان رٽائرڊ ٿي رهيو آهي. بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيني ڪريگنن جو فوجي ڪيريئر 35 سالن تي ٻڌل آهي. سال 2008ع ۾ جيني ڪريگنن هٿياربند فوج (سي ا?? ايف) جي تاريخ ۾ جنگي هٿيارن جي يونٽ جي ڪمانڊ ڪندڙ پهر??ن عورت بڻي. هن افغانستان،بوسنيا هرزيگوينيا ۽ شام ۾ به خدمتو?? سرانجام ڏنيون. هن 2019ع کام 2020ع تائ??ن عراق ۾ نيٽو مشن جي قي??دت ڪئي. کيس 2021ع ۾ موجوده عهدي تي ترقي ڏني وئي. جيني ڪريگنن 18 جولاءِ تي منعقد ٿيندڙ هڪ تقريب ۾ جنرل جي عهدي جي چارج سنڀاليندي.
ڪئنيڊا جي وزيراعظم پاران ليڊي ليفٽيننٽ جنرل کي هٿياربند فوج جي پهرين عورت سربراهه مقرر ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز