اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته ٽيڪسن جي بنياد کي وسيع ڪرڻ ۽ ٽيڪس ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ پوري ملڪ جي مفاد ۾ آهي. آل پاڪست??ن انجمن تاجران پاران واپار??ن جي لاءِ رضاڪاراڻي ٽيڪس اسڪيم جي حوالي سان آجياڻي کي خطاب ڪند?? هن چيو ته ٽيڪس ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ سان نه رڳو موجوده نسل پر ايندڙ نسل جو به فائدو ٿيندو. هن چيو ته عالمي برادري ۾ انهن قومن کي سٺو ۽ محب وطن تصور ڪيو وڃي ٿو جيڪي ٽيڪس ادا ڪن ٿيون. هن چيو ته جن ملڪن ۾ ماڻهو ٽيڪس نه ٿا ڏين اتي حڪومتون پيٽروليم مصنوعات ۽ بجلي جهڙين روزمره جي استعمال وارين شين تي ٽيڪس هڻڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿيون.
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری