نيويارڪ-23 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي هوائي ڪمپني يونائيٽيڊ اي??ر لائينز 7 آڪٽوبر کان غزه جنگ سبب اسرائيل لاءِ معطل ڪيل لاءِ اڏامون بحال ڪ??ڻ جو اعلان ڪيو آهي. العربيه مطابق آمريڪي ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ مهيني ??ان اسرائيل لاءِ اڏامون بحال ڪيون وينديون. هوائي ڪمپني يونائيٽيڊ اي??ر لائينز وڌيڪ چيو آهي ته شروعاتي طور تي اڏامون نيويارڪ ۽ نيو جرسي کان تل ابيب لاءِ 2 ۽ 4 مارچ تي روانيون ڪيون وينديون. انهن اڏامن جي نان استاپ بحالي 06 مارچ کان ڪئي ويندي. ڪمپني وڌيڪ چيو آهي ته اڏامن جو شيڊيول تل ابيب جي سيڪيورٽي صورتهال موجب ترتيب ڏنو ويندو ۽ ان ۾ ضرورت موجب تبديلي ڪئي ويندي. واضح رهي ته غزه ۾ 7 آڪٽوبر کان جاري جنگ ۽ اسرائيل جي فوج جي غزه تي گهيراءَ ??عد کان وٺي آمريڪي ائيرلائين ۽ ان جي حر??ف ڪمپني ??يلٽا پنهنجون اڏامون تل ابيب لاءِ معطل ڪيون هيون.
آمريڪي هوائي ڪمپني پاران اسرائيل لاءِ اڏامون بحال ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil