گڏ??ل قومون – 26 مارچ (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ جنگ بندي جي مطالبي تي ٻڌل گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ جي آجيان ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هو ڊگهي انتظار کان پوءِ منظور ٿي?? ٺهراءَ تي گڏ??ل قومن پاران عملدرآمد ڪرائڻ چاهين ٿا. گڏ??ل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ جي منظوري جي حوالي سان اي پي پي کي ٻڌايو ته اسان گڏ??ل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 25 مطابق سلامتي ڪائونسل جي ان ٺهراءَ تي فوري طور عملدرآمد جو مطالبو ڪيون ٿا. ان چارٽر جي آرٽيڪل جي شرطن تحت گڏ??ل قومن جا ميمبر ملڪ 15 رڪني ڪائونسل جي فيصلن تي عملدرامد ڪرڻ تي متفق آهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته غزه ۾ اسرائيل جي وحشياڻي مهم کي روڪڻ لاءِ هي پهريون قدم هئڻ گهرجي. پاڪستان جون 1967ع کان پهرين جي سرحدن تي ٻڌل هڪ محفوظ، عمل جوڳي ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام ذريعي هڪ منصفاڻي، جامع ۽ جٽادار حل لاءِ فعال طور ??م ڪندو رهندو، جنهن جو گادي وارو هنڌ القدس الشريف هو. سومر ڏينهن سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ ۾ رمضان المبارڪ ۾ فوري جنگ بندي ۽ غزه م امداد جي فراهمي کي وڌائڻ جي فوري ضرورت جو مطالبو ڪيو ويو. ٺهراءَ جي حمايت ۾ 14 ووٽ پيا جڏهن ته آم??يڪ?? ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو هو. 30
پاڪستان پاران سلامتي ڪائونسل جي غزه جنگبندي واري ٺهراءَ جي آجيان، عملدرآمد جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے