تل ابيب – 05 اپريل (اي پي پي) اسرائيل ڏڪار جي خطري جو ش??ار غزه ۾ امداد جي فراهمي لاءِ عارضي رستا کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي مطابق اسرائيل جمعي تي اعلان ڪي?? ته ڏڪار جي خطري جو ش??ار اتر غزه ۾ عارضي امداد جي فراهمي جي اجازت ڏيندو. خميس تي آمريڪي صدر جوبائيڊن اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو کي ٽيليفونڪ رابطي ۾ ٻڌاي?? ته اسرائيل بابت آمريڪي پاليسي غزه ۾ شهرين ۽ امدادي ڪارڪنن جي تحفظ تي ٻڌل آهي، اهو واشنگٽن طرفان اسرائيل جي فوجي مدد لاءِ امڪاني شرط ڏانهن پهريون اشارو هو. ڪجهه ئي ڪلاڪن کانپوءِ اسرائيل اعلان ڪي?? ته هو غزه لاءِ وڌيڪ امدادي رستا کولي ڇڏيندو. نيتن ياهو جي آفس ٻڌاي?? ته اسرائيل جي وار ڪيبنٽ اشدود پورٽ ۽ ايريز لينڊ ڪراسنگ ذريعي عارضي امداد جي فراهمي جي اجازت ڏني آهي، ان سان گڏو گڏ اردن کان ڪريم شالوم ڪراسنگ تي پڻ فراهمي ۾ اضافو ڪيو ويو. وائٽ هائوس فوري طور انهن قدمن جي آجيان ڪئي ۽ انهن کي صدر جوبائيڊن جي درخواست تي ڪيل قدم قرار ڏنو. وائٽ هائوس چي?? ته انهن قدمن کي هاڻي مڪمل طور وڌيڪ تيزي سان لاڳو ڪرڻ گهرجي.
اسرائيل طرفان غزه ۾ امداد جي فراهمي لاءِ عارضي رستا کولڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ