اسلام آباد – 03 ڊسمبر (??ي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ ??ري?? آف پاڪستان (??ي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ چيو آهي ته نوجوان اسان جو اثاثو آهن، اسان جو نوجوان نسل تمام گهڻو باصلاحيت آهي، ان کي صحيح رخ تي هلائي ملڪ کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪري سگهجي ٿو، نوجوان نسل حضرت محمد صه جي تعليم تي عمل ڪندي هڪ سٺي مسلمان ۽ خوداحتسابي سان پنهنجو پاڻ کي صحيح ڪري هن معاشري کي صحيح ??اه?? تي گامزن ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هو پاڪستان پازيٽو، ايسوسيئيٽيڊ ??ري?? آف پاڪستان (??ي پي پي) جي حصيداري سان ٻن ڏي??هن واري ينگ ليڊرز سمٽ دوران شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ سڄي ملڪ جي مختلف حصن مان شاگرد ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي. پازيٽو پاڪستان جي صدر عابد اقبال گهاري ٻن ڏي??هن واري سمٽ جي افتتاح کانپوءِ تعارفي ويهڪ ۾ سمورن شرڪت ڪندڙن سان تعارف ڪرايو ۽ شرڪت ڪندڙن کي پازيٽو پاڪستان جي ويزن 2017ع بابت آگاهه ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ايسوسيئيٽيڊ ??ري?? آف پاڪستان (??ي پي پي) جي ايم ڊي مسعود ملڪ چيو ته اڄ جي دور ۾ نئين نسل جي مثبت سوچ سڀ کان اهم ترين ڪم آهي، ان جي لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ پازيٽو پاڪستان جهڙين تنظيمن ۽ ٻين ڌرين کي پڻ ان نوعيت جي فورمن جي ف??اه??ي ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته پازيٽو پاڪستان اسان جي نوجوانن ۾ مثبت سوچ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪري رهي آهي.
اسان جو نوجوان نسل تمام گهڻو باصلاحيت آهي: مسعود ملڪ
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔