اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان بار بار عدالت جي ٻا??ران پنهنجو ڪيس وڙهي رهيو آهي، عدالت ٻا??ران ڪيس وڙهندڙن کي مايوسي کانسواءِ ڪجهه نه ملندو. سپريم ڪورٽ ٻا??ران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم نواز شريف پارليامينٽ ۾ يا عوام کي خطاب دوران ڪڏهن ڪا متضاد ڳالهه ناهي ??ئي ۽ نه ئي ڪوڙ ڳالهايو ڇو ته هو ڳالهائڻ جو عادي ??ه آهي، اها عادت ڪنهن ٻئي جي آهي ?? بار بار اهو سچ سامهون اچي وڃي ٿو ته اها قابليت ڪنهن ۾ آهي. مملڪتي وزير چيو ته عمران خان گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان عدالت ٻا??ران اچي پنهنجو ڪيس وڙهي رهيو آهي، هو اڄ اهو چئي رهيو آهي ته عدالت ۾ پاناما پيپرز بابت ڳالهه نه ٿي رهي هئي، نواز شريف بابت ڳالهه نه ٿي رهي هئي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa