اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي لارنس ڪاليج گهوڙا گلي مري ۾ 157 هين يوم تاسيس جي تقريبن ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئ?? جيڪا سندس مادر علمي به آهي. شاهد خاقان عباسي 42 سال اڳ هتي تعليم حاصل ڪئ?? هئي ۽ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڪاليج سان لاڳاپيل پنهنجي حسين يادن جو ذڪر ڪيو. تقريب ۾ پنجاب جو گورنر محمد رفيق رجوانه به شرڪت ڪئ??. لارنس ڪاليج گهوڙا گلي 1860ع ۾ سر هنري منٽگمري لارنس جي نالي تي قائم ٿيو هو، ڪاليج ۾ پهرين درجي کان وٺي ٻارهين درج?? تائين 560 شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن جنهن ۾ چ??ين صوبن سميت ڪشمير، گلگت ??لت??تان ۽ فاٽا جا شاگرد به شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب