اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمر??ن صاحب شهباز شريف سان ساڙ توهان کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيندو، شهباز شريف ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي ان لاءِ خيبرپختونخوا جي ماڻهن کي به شهباز شريف جهڙو وڏو وزير گهرجي. پن??نجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پنجاب ۾ مٽرو بس، اورينج ٽرين، بس سروس، زمين کان مارڪيٽ تائين رستن جي تعمير ۽ انفراسٽرڪچر ڏسي شرم ته ايندو هوندو، هن چيو ته عمر??ن صاحب پنجاب ۾ 36 ضلع هيڊڪوارٽرز اسپتالن کي جديد بڻايو ويو آهي، اسپتالن ۾ بهاولپور اسپتال، طيب اردوان اسپتال مظفر ڳڙهه، چلڊرين اسپتال فيصل آباد، ملتان ڪڊني سينٽر، راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي، شاهدره ٽيچنگ اسپتال، برن سينٽر ملتان، سرجيل ٽاور لاهور، مي?? اپستال ۽ پنجاب جي نئين ٽيچنگ اسپتالن جو دورو ڪريو.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون