دبئي / اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پيغمبر اسلام حضرت محمد صه جي انساني برابري جي درس تي عمل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??هي ته تعليم، قانون تي عملدرآمد ۽ انصاف اسلامي تاريخ جو بنياد آهن، اسان پنهنجي ملڪ کي به انهي بنياد ۽ اصول تي ترقي ڏيڻ چاهيون ٿا، قانون تي عملدرآمد ۽ رياست جو جوابده هجڻ يقيني بڻائي رهيا آهيون. وزيراعظم عمران خان دبئي ۾ منعقد ورلڊ گورنمينٽ سمٽ 2019ع ۾ گورننس جي ويزن ۽ ??اڪ??تان جي حوالي سان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته هڪ عالمي رانديگر ڪرڪيٽر مان ??اڪ??تان جو وزيراعظم ڪيئن بڻيس؟ هن چيو ته آئون ??اڪ??تان جي ان پهرين نسل سان تعلق رکان ٿو جنهن 1960ع جي ڏهاڪي ۾ ??اڪ??تان جي تيز ترقي کي ڏٺو آهي، 1960ع جي ڏهاڪي ۾ ??اڪ??تان ايشيا ۾ تيز ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ شامل هو ۽ ان جي ترقي جي رفتار ترقي پذّير ملڪن جي لاءِ هڪ مثال هو.
تعليم، قانون تي عملدرآمد ۽ انصاف اسلامي تاريخ جو بنياد آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : گرم گرم