اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوام کي بهترين اسلوب حڪمراني جي فراهمي کي حڪومت جو اولين فرض قرار ڏيندي چيو آ??ي ته پنجاب ۾ اختيارن جي هيٺئين سطح تي منتقلي، وسيلن جي هڪ جهڙي ورڇ ۽ هر علائقي کي ترقي جي بنا ڪنهن فرق جي موقعن جي فراهمي وارو نئون بلدياتي نظام هڪ انقلابي قدم آهي، نئين بلدياتي نظ??م سان فنڊن جي فراهمي، فيصلاسازي ۽ سهولتن جي دستيابي مقامي سطح تي ممڪن ٿيندي، فرسوده نظام مان فائدو کڻندڙ مفاد پرست عنصر نظام جي تبديلي جي خلاف مزاحمت ڪندا آهن پر انهن کي شڪست ڏئي ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حقيقي طور تي اختيار هيٺئين سطح تي منتقل ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وز??ر محمود خان سان گڏ وزيراعظم آفيس ۾ پر??س ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام