اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شا??ه محمود قريشي چيو آهي ته وز??را??ظم عمران خان جي دوري سان ايران ۽ سعودي عرب کان اسان جي اميدن کان وڌيڪ مثبت جواب مليو آهي، ٻنهي ملڪن جي قيادت سان ملاقاتون انتهائي لاڀائتيون رهيون، علائقي تي جنگ جا بادل ختم ٿي رهيا آهن، ايران ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڳالهين تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، سعودي عرب جي قيادت به ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ سفارتي ڪوششن تي اتفاق ڪيو، وز??را??ظم ڪشمير مسئلي تي ساٿ ڏيڻ تي سعودي عرب ۽ ايران جا ٿورا مڃيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وز??را??ظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ??ندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت