اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ ماڊل پناهگاهه جو دورو ڪيو.وزيراعظم پناهگاهه ۾ مختلف سهولتن ۽ انفراسٽرڪچر جو جائزو ورتو، پناهگاه ۾ رهندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن سان گڏ ماني به کاڌي. وزيراعظم طرفان گذريل مهيني اسلام آباد ۾ پناهگاهن کي ماڊل پناهگاه بڻائڻ جي هدايت کانپوءِ اهو پهريون شيلٽر هوم آهي جيڪو هڪ مهيني کان ب?? گهٽ عرصي ۾ بهتر انفراسٽرڪچر، ڪيٽرنگ ۽ رهائشي معيار سان ڏها??ي دار مزدورن جي لاءِ معياري خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، وزيراعطم ميڊيا آفيس موجب آئنده ٽن مهينن ۾ وفاقي گادي واري شهر جي سمورن پنج پناهگاهن کي ري ماڊل ڪيو ويندو ۽ ان کانپوءِ آهستي آهستي پوري ملڪ ۾ پناهگاهن کي ري ماڊل پناهگاهون بڻايو ويندو، خاصا مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، پاڪستان ب??ت المال جو ايم ڊي عون عباس ۽ وزيراعظم جو پناهگاهن بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان وزيراعظم کي پناهگاهن ۾ انتظامي معاملن ۽ سڌارن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.
وزيراعظم پاران اسلام آباد ۾ ماڊل پناهگاهه جو دورو
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن