اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان س??ن يو اين ڊي پي (يونائيٽيڊ نيشنز ڊولپمينٽ پروگرام) جي و??د ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ ٻيا سينئر آفيسر موجود هئا. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب يو اين ڊي پي جي پاڪستان ۾ موجود نمائن??ه ايليونه نيڪوليٽا وزيراعظم عمران خان جي هيومن ڊولپمينٽ ۾ خصوصي د??چس??ي کي ساراهيندي چيو ته وزيراعظم جي ذاتي د??چس??ي جتي ملڪ ۾ انساني ترقي جي فروغ جو سبب آهي اتي يو اين ڊي پي جي مقصدن جي تڪميل ۾ به مددگار ثابت ٿي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت طرفان س??ٽين ايبل ڊولپمينٽ گولز (پائيدار ترقي جا مقصد) کي اختيار ڪرڻ، انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ موثر حڪمت عملي ۽ وسيلن جي فراهمي نهايت قابل تحسين آهي، هن يو اين ڊي پي کي حڪومت طرفان فراهم ڪيل سپورٽ تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو، يو اين ڊي پي جي و??د ڪووڊ دوران حڪومت پاڪستان جي حڪمت عملي خاص طور تي معاشي عمل جي رواني ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن جي مالي مدد جهڙن قدمن کي ساراهيو.
وزيراعظم عمران خان سان يو اين ڊي پي جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا