ري??ض -13 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي فرمانروا ش??هه سلمان جي مرڪز برائي امداد ۽ انساني خدمت بردار ۽ دوست م??ڪن لاءِ رمضان جي آمد تي کارڪن جي ورهاست واري پروگرام جي شروعات ڪئي آهي، چار براعظمن جي 72 ملڪن کي 19 هزار ٽن کان وڌيڪ کارڪن جا تحفا ڏنا ويندا. سعودي خابرو اداري مطابق ش??هه سلمان مرڪز جي سربر??هه ڊاڪٽر عبدالله الربيعه گادي واري شهر رياض ۾ کارڪ تحفا پروگرام جو افتتاح ڪندي چيو ته هن جو ملڪ گذريل سالن دوران عالمي سطح تي انسانيت نواز امداد فراهم ڪرڻ واري 5 وڏي ملڪن مان هڪ آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته گذريل سال سعودي عرب عالمي ترقياتي امداد فراهم ڪرڻ وارن ۾ سرفهرس?? رهيو. ڊاڪٽر عبدالله الربيعه چيو ته کارڪن جا تحفن جو پروگرام مملڪت جي نخلستانن جي ڪاميابي، برادر ۽ دوست م??ڪن سان محبت جي علامت آهي چار براعظمن جي 72 ملڪن کي 19 هزار ٽن کان وڌيڪ کارڪن جا تحفا ڏنا ويندا، انهن ملڪن جو واسطو ايشيا، آفريقا، ڏکڻ آمريڪا ۽ يورپ سان آهي.
سعودي عرب: شاهه سلمان جي مرڪزي دوست ملڪن لاءِ کارڪن جي ورهاست واري پروگرام جي شروعات، 72 ملڪن کي 19 هزار ٽن کارڪون بطور تحفا ڏنا ويندا
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج