اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) يورپي يونين چيو آهي ته فلسطينين خلاف اسرائيلي حڪومت پاران کنيل ڪيترائي قدم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ ان جي ابتڙ آهن اسرائيل کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي، ميڊيا ??پو??ٽن موجب يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي ڪمشنر جوپ بوريل گذريل ڏينهن اومان يورپي يونين ۽ نار سهڪار ڪونسل (ج?? سي سي) جي پرڏيهي وزيرن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل وٽ پنهنجي دفاع ڪرڻ جو مڪمل حق آهي پر اهو عالمي قانون موجب هجڻ گه??جي جڏهن ته اسرائيل جا ڪيتراڪئي قدم عالمي قانون جي خلاف آهن يورپي يونين ۽ ج?? سي سي حماس جي حملن جي مذمت ڪئي آهي، هن شهرين تي ڪنهن به حملي ڪرڻ جي مذمت ڪندي فوري طور تي يرغمالين جي آزادي جو مطالبو ڪيو. هن اسرائيل کان مطالبو ڪيو ته اهو عالمي قانون جو احترام ڪري ۽ غزه جي شهري آبادي کي خوراڪ پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي ۾ رڪاوٽ نه وجهي، يورپي يونين ۽ ج?? سي سي اسرائيل کان مطالبو ڪيو ته ??هي غره کان مصر تائين انساني همدردي جي بنياد تي رستوکولن ته جئين شهري اسرائيل جي جوابي حملن کان اڳ علائقي مان نڪري سگهن، بوريل جو بيان اسرائيل جي دفاع واري وزير يووگيلنٽ جي غزه جي مڪمل ناڪا بندي واري حڪم کان پوءِ سامهون آيو آهي.
اسرائيل جي ڪيترائي قدم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهن: يورپي يونين
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ