جنيوا-15 نومبر (اي پي پي) اسرائيل جي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن چيو آهي ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش اداري جي اڳواڻي جي قابل نه آهي، ميڊيا رپورٽن موجب هن جنيوا ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته انتونيو گوتريش گڏيل قومن جو سربراه بڻجڻ جي لائق نه آهي ڇاڪاڻ ته ان حماس جي مذمت لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي، ايلي ڪوهن جو اهڙو بيان ان وقت ۾ سامهون آي?? آهي جڏهن گڏيل قومن غزه پٽي ۾ اسرائيلي بمباري ۾ پنهنجن 100 کان وڌيڪ ملازم?? جي مارجي وڃڻ تي سوڳ ملهايو هو، اسرائيل جي پرڏيهي وزير اهو انڪشاف ڪيو ته ريڊ ڪراس غزه پٽي ۾ حماس جي قيد ۾ ڪنهن به قيدي سان ملاقات نه ڪئي آهي، هن عالمي ڪميٽي ريڊڪراس جي سربراه سان ملاقات کان پوءِ جاري بيان ۾ چيو ته قيدي?? جي معاملي ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي آهي، ٻئي گڏيل قوم?? جي سربراه غزه پٽي ۾ خوفناڪ صورتحال ۽ اسپتالن ۾ جاني نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، ??ڏيل قوم?? جي ترجمان اسٽيفن گوجريڪ چيو آهي ته سيڪرٽري جنرل فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگ بندي جو مطالبو ڪري ٿو.
انتونيوگوترش گڏيل قومن جي اڳواڻي جي قابل نه آهي: اسرائيل
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا