رياض –30 اپريل (اي پي پي ) يورپي يون??ن چيو آهي ته مئي تائين ڪيترائي يورپي ملڪ فلسطين?? رياست کي تسليم ڪري وٺندا اردو نيوز موجب اها ڳالهه يورپي يونين جي نمائندي پرڏيهي پاليسي جوزف بوريل سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض ۾ منعقد عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي ??جلاس سان خطاب دوران چئي هن چيو ته اميد آهي ته مئي جي آخر تائين ڪيترائي ملڪ فلسطين?? رياست کي تسليم ڪندا ان کان اڳ جوزف بوريل پنهنجي بيانن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسرائيل وٽ فلسطيني عوام جي حق خوداراديت ۽ ان لاءِ هڪ رياست جي قيام خلاف ويٽو جو ڪو به جواز ناهي خيال رهي ته مارچ ۾ چار يورپي ملڪن اسپين ، آئرلينڊ ، مالٽا۽ سلووينيا اعلان ڪيو هيو ته هو فلسطين?? رياست کي تسليم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا هسپانوي وزيراعظم پيڊرو سانچيز چيو ته اميد ڪيون ٿا ته سندس ملڪ جولائي تائين فلسطين?? رياست کي تسليم ڪندو .
بلاڪ جا ڪيترائي ملڪ مئي تائين فلسطيني رياست کي تسليم ڪر ي وٺندا، يورپي يونين
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری