قاهره -11 ??يپٽمبر (اي پي پي) يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف بوريل چيو آهي ته اسرائيل ٻه رياستي حل کي ناممڪن بڻائي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب عرب ليگ جي پرڏيهي وزير جو 162 هون باقاعده اجلاس مصر جي گادي واري شهر قاهره ۾ ليگ جي هيڊ ڪواٽر ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف بوريل خطاب ڪندي چ??و ته اسرائيل جي حڪومت ٻه رياستي حل لاءِ سنجيده ناهي ان جو اهو رويو ٻه رياستي حل کي ناممڪن بڻائي رهيو آهي. هن وڌيڪ چ??و ته غزه ۾ فوري جنگ بندي لازمي آهي. هن غزه ۾ جنگ بندي لاءِ مصر، آمريڪا ۽ قطر طرفان ڪيل ٽياڪڙي جي ڪوششن سميت غزه پٽي ۾ انساني اهنجن جي خاتمي ۾ يورپي يونين جي ڪردار، تباهه ڪندڙ انساني صو??تحال ۽ ان لاءِ مڪينزم تي ڳالهيون ڪيون. هن رفع ڪراسنگ سميت غزه جا سمورا رستا کولڻ تي پڻ زور ڀريو.
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ