رياض-03 ڊسمبر (اي پي پي )سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شه??اده مح??د بن سلمان سان گذريل ڏينهن فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون ملاقات ڪئي جنهن دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب رياض جي قصر اليمامه ۾ فرانس جي صدر جي آجيان لاءِ باضابطه تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. ملاقات ??وران سعودي عرب ۽ فرانس وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جو جائزو ۽ ??خت??ف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي گڏيل ڪوششن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن ۾ سيڙپڪاري، علائقائي ۽ عالمي صورتحال ، گڏيل ڳڻتي وارن معاملن ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. شه??اده مح??د بن سلمان ۽ فرانس جي صدر جي موجودگي ۾ سعودي عرب ۽ فرانس وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري ڪائونسل جوڙڻ لاءِ مفاهمتي ياداشت تي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شه??اده فيصل بن فرحان ۽ فرانس جي وزير ۽ پرڏيهي وزير نويل باروٽ صحيحيون ڪيون.
سعودي عرب جي ولي عهد سان فرانس جي صدر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو