گڏيل قومون-09 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته شا?? جو مستقبل شهري طئي ڪن??ا. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش شام جي شهرين جي حقن جو تحفظ ڪن??ي ان حساس وقت ۾ پرسڪون رهڻ ۽ تشدد کان پاسو ڪرڻ جي اپيل جو ورجاءُ ڪن??ي چيو ته شام جي مستقبل جو فيصلو شامين جو معاملو آهي ۽ نون ادارن ۾ منظم سياسي منتقلي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻ باقي آهي. هن چيو ته بين الاقوامي قانون مطابق سمورن معاملن ۾ سفارتي ۽ قونصلر احاطي ۽ عملي جو احترام ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسانکي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ بين الاقوامي برادري جي حمايت جي ضرورت هوندي ته ڪا به سياسي منتقلي جامع هجي ۽ اها شام جي عوام جي جائز خواهشن کي پورو ڪ??ي. ??ام جي خودمختياري، اتحاد، آزادي ۽ علائقائي سالميت کي بحال ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان شام جي شهرين کي هڪ اهڙي ملڪ جي تعمير ۾ مدد ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون جتي مفاهمت، انصاف، آزادي ۽ خوشحالي سڀني لاءِ گڏيل حقيقتون هجن.
شام جو مستقبل شهري طئي ڪندا: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا