لاس ??ينجلس – 13 جنوري(اي پي پي) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر لاس ??ينجلس جي ٻيلن ۾ لڳل باهه 80 ڪلو ميٽرن جي رفتار سان هلندڙ هوائن سبب وڌيڪ علائقن ۾ پکڙجي وئي آهي ۽ هوا جي رفتار 112 ڪلو ميٽرن تائين پهچڻ جي اڳڪٿي سبب باهه جو وڌيڪ علائقن تائين پکڙجڻ جو خطرو پيدا ??ي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا آمريڪا جي نيشنل ويڌر سروس جي موسميات جي ماهر روزشوئن فيلڊ جي حوالي سان ٻڌايو ته انتهائي تيز هوائن سبب حالتون ڊرامائي طور تي خراب ٿيڻ واريون آهن. مقامي اختيار??ن مطابق لاس ??ينجلس جي ٻيلن ۾ لڳل باهه وسائڻ لاءِ فائر فائٽرز، گاڏيون ۽ ??يا اوزار شهر ۾ پهچي رهيا آهن. نيويارڪ ٽائيمز جي رپورٽ مطابق ٻيلن ۾ لڳل باهه سبب فوتين جو انگ 24 ??ي ويو آهي ۽ ٻن وڏن علائقن ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل