اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ دنيا جي سڀ کان مهانگي ??جلي بڻائڻ وارا پلانٽس لڳائڻ سبب بجلي جي في يونٽ پيداواري قيمت 15 روپيا 53 پئسن تائين پهچي چڪي آهي، بجلي جي پيداواري قيمت وڌڻ سان گردشي قرضن ۾ ماهوار 34 کان 36 ارب روپيا اضافو ٿي رهيو آهي، شهباز شر??ف جيڪو قائداعظم سول?? پلانٽ لڳايو آهي ان جي بجلي في يونٽ 17 روپيا پئجي رهي آهي، ايتري مهانگي ??ولر بجلي جي پيداوار دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ ن??هي?? اڳوڻي حڪومت نيپرا جي سفارشن جي باوجود به بجلي جي قيمت نه وڌائي جنهن سبب اهو بار به موجوده حڪومت جي لاءِ ڇڏيو ويو آهي. هو پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي ميڊيا سينٽر ۾ بجلي جي پيداواري لاڳت ۽ ٻين معاملن بابت بريفنگ ڏئي رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان