ڪوالالمپور – 21 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته نه ڪنهن کي اين آر او ڏينداسين ۽ نه ئي چارٽر آف ڊيموڪريسي جي نالي تي مڪ مڪا جي اجازت ڏينداسين، مخالف ڌر ??ي حڪومت جي خاتمي جي تمام جلدي آهي، انهن کي ڊپ آهي جيتري دير عمران خ??ن حڪومت ۾ هوندو انهن جي لاءِ خطري جي گهنٽي وڄندي رهندي، هر سال پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالر جي مني لانڊرنگ ڪئي وڃي ٿي، حڪومتي قد??ن جي ڪري مني لانڊرنگ کي انتهائي مشڪل بڻائي ڇڏينداسين. م??ائ??شيا جي شهر ڪوالالمپور ۾ پاڪستاني برادري کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته ماڻهن، ادارن ۽ قو??ن جي زندگي ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، لاها چاڙها ان لاءِ ايندا آهن ڇو ته الله طرفان اهو هڪ پيغام هوندو آهي ته توهان غلطي ڪري رهيا آهيو ان کي ٺيڪ ڪريو، جيڪي قومون پنهنجون غلطيون ٺيڪ نه ٿيون ڪن الله انهن کي برباد ڪري ڇڏي ٿو پر جيڪا قوم پنهنجي غلطين مان سکي اصلاح جي رستي تي هلي ٿي اها مضبوط ٿئي ٿي.
نه اين آر او ۽ نه ئي چارٽر آف ڊيموڪريسي جي اجازت ڏينداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز