اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڊرل ٽيڪس محتسب جي فيصلي جي خلاف ايف بي آر پاران ??اخل ڪيل اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. صدر ايف بي آر کي جعلي ٽيڪس ري فنڊ ڪيس ۾ هڪ ڪروڙ 44 لک رپين جي وصولي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وفاقي محتسب ايف بي آر جي علائقائي آفيسن پاران ??يفنڊ جي ادائيگي ۾ ڪيل بي ضابطگين جي خلاف پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو. وفاقي ٽيڪس محتسب ايف بي آر کي جعلي رسيدن جي ب??يا?? تي ادا ڪئي ويندڙ رقم وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. صدر وفاقي ٽيڪس محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو آهي. صدر ايف بي آر پاران ??علي دعوائن ۽ جاچ ۾ ناڪامي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايف بي آر جي عملدارن جعلي رسيدن جي ب??يا?? تي 13 – 2012ع ۾ جعلي رجسٽرڊ پرسن کي هڪ ڪروڙ 44 لک کان وڌيڪ ٽيڪس ري فنڊ ڪيو، ايف بي آر عهديدارن جي ملي ڀڳت ??ان ??قم واپس ڪئي وئي ۽ ذميوارن جي خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي.
صدر پاران فيڊرل ٽيڪس محتسب جي فيصلي جي خلاف ايف بي آر پاران داخل ڪيل اپيل رد
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil